عـالـو مـل ٽـيڪـم داس

عـالـو مـل ٽـيڪـم داس

عـالـو مـل ٽـيڪـم داس

عـالـو مـل ٽـيڪـم داس: مشهور تعليمدان عالو مل جو پورو نالو عالمچند هو. سندس جنم، جون 1845ع ڌاري ڪراچيءَ جي ڀوڄواڻي خاندان ۾ سيٺ ٽيڪمداس جي گهر ۾ ٿيو. هيءُ سيٺ نائو مل جو پوٽو هو ۽ سڄي عمر سندس صحبت ۾ رهيو. هن ابتدائي تعليم ڪراچيءَ جي کوڙي باغيچي مان حاصل ڪئي. هي پهريون سنڌي هو، جنهن سڀ کان پهريان بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ، پوءِ بمبئي مان بي. اي جي ڊگري سيڪنڊ ڪلاس ۾ حاصل ڪئي. 21 مارچ 1868ع ۾ کيس تعليم کاتي ۾ نوڪري ملي، جنهن دوران ڪيترائي دفعا ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جي عهدي تي رهيو. جڏهن ڏيارام ڄيٺمل، ديوان ميٺارام، ڏيارام گدومل ۽ ٻين سنڌ جي شاگردن جي وڌيڪ تعليم لاءِ ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون پئي ڪيون ته هيءُ به ساڻن گڏ رهيو. جن جي ڪوششن سان 17 جنوري 1887ع تي سنڌ ۾ پهريون ڪاليج ‘سنڌ آرٽس ڪاليج’ قائم ٿيو، جنهن جو بعد ۾ نالو ‘ڊي. جي. ڪاليج’ رکيو ويو. عالو مل سنڌ جو پهريون تعليمي آفيسر هو، جنهن سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڏي تعداد ۾ هيٺئين ڪلاس جا ‘ابتدائي ۽ مقامي’ اسڪول کولرايا. هن کان اڳ سنڌ ۾ تعليم جو ڪو به ماهر انسپيڪٽر نه هو. نامور محقق گل حسن ڪلمتي ‘ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار’ ۾ لکي ٿو ته، “عالو مل جي انسپيڪٽر واري دور تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته ٻهراڙين ۾ وڏي تعداد ۾ مقامي اسڪولن جو بنياد عالو مل وڌو. 68-1867ع جي تعليمي رڪارڊ موجب سرڪار پاران سنڌ ۾ ڪل ٻه هاءِ اسڪول ۽ هيٺئين ڪلاس جا مقامي اسڪول فقط 41 هئا. جيڪي 14-1913ع تائين وڌي ٻن هاءِ اسڪولن مان ٽي ۽ مقامي اسڪول 41 مان وڌي 668 ٿيا. جڏهن ته خانگي ادارن ۾ هيٺئين ڪلاس جي مقامي اسڪولن جو تعداد 1867ع ۾فقط هڪ هو. عالو مل جي ڪوششن سان 1913ع ۾ انهن جو تعداد وڌي 738 ٿيو.” عالو مل سنڌ جي اسڪولن ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بنايو. عالو مل پنهنجي ڏاڏي ان وقت جي ڪاموري سيٺ نائون مل جي آخر تائين خدمت ڪئي. نائون مل پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ‘يادگيريون’ ۾ لکي ٿو ته، “هڪڙي ڀيري منهنجي پوٽي عالمچند مون کي چيو ته ڏاڏا ڇو نه پنهنجو ۽ پنهنجي گهراڻي جو مختصر احوال لکون، پر مان هن کان پيو نٽائيندو هوس. آخر هن جي بار بار چوڻ تي 1871ع جي اپريل ۾ اهو ڪم شروع ڪيو.” سيٺ نائون مل جي انهيءَ ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو عالمچند ڪيو، جيڪو 1915ع ۾ شايع ٿيو. سيٺ عالمچند 8 آڪٽوبر 1868ع تي شادي ڪئي. کيس ٽن پٽن جو اولاد ٿيو، جن ۾ حشمتراءِ بئريسٽر ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر، راءِ بهادر بولچند عالومل ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ سيٺ ڪندن مل بي. اي، ايل. ايل. بي ۽ بئريسٽر هو. عالمچند کي خدمت عيوض پهرين جنوري 1889ع تي ‘راءِ بهادر’ جو ٻلو ڏنو ويو. تعليم جي هن ماهر سيپٽمبر 1903ع ڌاري نوڪريءَ تان استعيفا ڏني. هن تعليم جو ذڪر سر بارٽل فريئر، سر فريڊرڪ گولڊسمٿ، سر ايڇ. اي. ايم جيمس وغيره پڻ ڪيو آهي. سندس وفات جي تاريخ جي خبر نٿي پوي. البت عالو مل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي انهن ماڻهن مان هڪ هو، جن سنڌ ۾ بنيادي تعليم کي جديد انداز ۾ متعارف ڪرايو. ڳوٺن ۾ اسڪول کولرائي تعليم کي هٿي ڏني.


هن صفحي کي شيئر ڪريو